شيخ فرازي

شيخ فرازي

شيخ فرازي

شيخ فرازي: سنڌ جي ناليواري شاعر ۽ اديب شيخ فرازي جو اصل نالو سڪندر علي ولد غلام نبي شيخ آهي. سندس جنم 8 آگسٽ 1973ع تي ڳوٺ آريجا، تعلقي باقراڻي، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. سندس تعليم انٽر آهي، غربت سبب وڌيڪ پڙهي نه سگهيو. هن لکڻ جي شروعات 1989ع ڌاري ڪئي. سندس شاعري سنڌ جي مڙني رسالن توڙي اخبارن ۾ شايع ٿيندي رهي ٿي. شيخ فرازي ڪراچيءَ مان نڪرندڙ سياسي، سماجي ۽ ادبي رسالي ماهوار ‘سنڌ رويو’ جو لاڙڪاڻي ضلعي جو ڪيتري وقت کان رپورٽر پڻ آهي.
شيخ فرازيءَ جي شاعريءَ جا ٻه ڪتاب: ‘غزلن جو گلدستو’ (2009ع) ۽ ‘سمنڊ تري آيا’ (2010ع) شايع ٿيل آهن. کيس مڃتا طور ماهوار ‘سنڌ رنگ’ ۽ ماهوار ‘هالار ڊائجسٽ’ حيدرآباد طرفان اوارڊ مليل آهن.
هيءُ هن وقت لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ شيخ فرازيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1973.08.08  عيسوي

شيخ فرازي جو جنم 8 آگسٽ 1973ع تي ڳوٺ آريجا، تعلقي باقراڻي، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سلطان شاهه:
حسين شاهه شرف
شيڪسپيئر وليم
راضي فقير رند
رند حضور بخش حقير
ايوب کوسو
ارجن شاد
پنهور مير حاجن مير
محمد حسين شوقي ٺٽوي
شرف صديقي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون